تعارف: ڌڻي تعاليٰ وحده لا شريڪ ۽ ڪائنات جو خالق آهي. انسان هن جي تخليق ۾ هڪ عظيم ڪارنامو آهي. رب تعاليٰ پاڪ آهي ۽ هن انسان کي به پاڪ ۽ بي عيب پيدا ڪيو. پر جيئن ته انسان پنهنجي گناهه جي ڪري ان پاڪيزه حالت کي قائم رکڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن ڪري رب تعاليٰ ۽ انسان ۾ جدائي پيدا ٿي وئي. وڌيڪ هي به هڪ حقيقت آهي ته خدا تعالي انسان جي سڀني ڪمزورين جي باوجود هن سان پيار ڪري ٿو. پاڪ ڪتاب جو مرڪزي مضمون به اهو ئي آهي ته ڌڻي تعالي انسان سان پيار ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته هو به ٻين انسانن سان پيارڪري.
هن ڪورس ۾ جن اهم ڳالهين جومطالعو اسين ڪرڻ وارا آهيون سي هن طرح آهن:
*ڌڻي تعاليٰ جي پاڪ ذات *انسان جي عظمت *انسان جي اهميت *انسان سان رب ڪريم جي محبت
*انساني رويو دشمني جو پر خدا تعاليٰ سان قربت جو تقاضو.
توريت، زبور۽ نبين جي صحيفن جي شاهدي ڇا آهي؟
هي ڪورس پيش ڪندي اسين ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته هي ڪورس اوهان جي علم ۾ اضافي کان علاوه توهان جي لاءِ الاهي برڪتن جو سبب به ٿيندو .
سبق حل ڪرڻ جي باري ۾ هدايتون:
آخر ۾ سوال نامو به ڏنو ويو. سبق شروع ڪرڻ کان پهرين سمجهڻ جي لاءِ رب ذوالجلال کان دعا گهرو، پوءِ سنجيدگي ۽ غور سان پڙهي، هر سوال جو مناسب جواب ڏيو.
سبق ۾ حوالا به ڏنا ويا آهن. انهن کي ڪئين پڙهي سگهجي ٿو؟ پيدائش 5 :1 -6 جو مطلب آهي پيدائش جي ڪتاب جي پنجين باب جي پهرين کان ڇهين آيت. جيڪڏهن ڪتابڙي جي حوالي سان توهان جي ذهن ۾ ڪو سوال هجي ته اسان کي ضرورلکندا. پاڪ ڪلام جي سمجهه جي حوالي سان توهان جي خدمت اسان جي لاءِ خوشي جو سبب ٿيندي. خدا تعاليٰ توهان کي برڪت عطا فرمائي. آمين
خيرانديش
پرنسپل
پاڪستان بائيبل خط و ڪتابت اسڪول
سنڌي سينٽر حيدرآباد.