هن زبور۾ جتي اسين هي سکون ٿاته ڌڻي تعاليٰ پروردگار آهي اتي هي ڳالھ به نظراچي ٿي ته پاڻ ڪنهن خاص ٽولي ۽ قوم جو ئي رب ڪونهي بلڪه هر انسان ۽ جاندارجوپالڻهارآهي. انهي لاءِ زبور جو راوي ڌڻي تعاليٰ سان مخاطب ٿي ڪري فرمائي ٿو: ” ساري جھان جون اکيون تو ڏانھن ئي واجھائين ٿيون، تون ئي انھن کي پوري وقت تي کاڌو عطا ڪرين ٿو. تون سخاوت سان پنھنجي مٺ انھن تي کولين ٿو، ۽ ھر جاندار جي خواھش پوري ڪرين ٿو. “(زبور145: 15-16)
اهڙي طرح زبور جو راوي وڌيڪ فرمائي ٿو:
” دنيا جي ھڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين، شال خداوند جي نالي کي ساراھيو وڃي! خداوند سڀني قومن جو حاڪمِ اعليٰ آھي، انھيءَ جي عظمت آسمانن کان به مٿاھين آھي. خداوند اسان جي خدا جھڙو ڪو ٻيو آھي ڇا، جيڪو عرش عظيم تي تخت نشين آھي؟ انھيءَ ھوندي به ھو اتان نوِڙي ھيٺ آسمان ۽ زمين تي پنھنجي ڪرم جي نظر ڪري ٿو. ھو مسڪينن ۽ محتاجن کي مٽيءَ ۽ ڪچري جي ڍير تان کڻي بلنديءَ تي پھچائي ٿو.“(زبور113: 3-7)
اهڙي طرح نبين جي پاڪ صحيفن ۾ مختلف جاين تي ڌڻي تعاليٰ کي ”رب العالمين“چئي مخاطب ڪيوويوآهي. (ڏسوميڪاه13:4،زڪرياه14:4، 5:6)
سکڻ جي ڳالھ
هتي اسين سکون ٿا ته ڌڻي تعاليٰ نهايت ڪامل ۽ پاڪ ذات هئڻ جي باوجود هر انسان سان بغير ڪنهن مذهبي ۽ نسلي فرق جي پيارڪري ٿو ۽ هرنيڪ ۽ بد جي پروردگاري ۽ حفاظت ڪري ٿو.
ايتري قدر جو ناپاڪ جانورن جي هر ضرورت کي پورو ڪري ٿو، جنهن سان هي ثابت ٿئي ٿو ته پاڻ ڪنهن خاص قوم ۽ مذهب جوخدا ڪونهي بلڪه رب العالمين آهي. جيتوڻيڪ لازمي آهي ته اسين به ڌڻي تعاليٰ وانگر هر هڪ سان بغير ڪنهن فرق جي پيارڪريون ۽ تسليم ڪريون ته هرانسان کي جيئڻ جو حق آهي.