سبق 1 سوالنامو 7

In by Mr. PBCS

ڌڻي تعاليٰ جتي بغير ڪنهن فرق جي سڀني کي رزق ڏي ٿو. هرانسان جي زندگي جي حدن جي مطابق چاهي هو نيڪ هجي يا بد، سنڀالي ۽ محفوظ رکي ٿو.
حضرت دائود نبي فرمائي ٿو: ”….. اي خداوند! ماڻھن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين. اي خدا! تنھنجي دائمي شفقت ڪيڏي نه بيش بھا آھي! بني آدم تنھنجي پرن جي پاڇي ھيٺ پناهه وٺن ٿا. “(زبور36: 6-7).
پوءِ زبور جو راوي ايستائين چوي ٿو ته ڌڻي تعاليٰ جي حفاظت کان سواءِ ڪنهن ٻي تي يقين ڪرڻ اجايو آهي.
زبور127 :1جي مطابق پاڻ فرمائي ٿو ” جيڪڏھن خداوند شھر جي سنڀال نه ڪري، ته پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ به بلڪل اجايو آھي.“
پوءِ پاڻ وڌيڪ فرمائي ٿوته ” آءٌ پنھنجيون اکيون کڻي جبلن ڏانھن نھاريان ٿو، ھائو، آءٌ واجھايان ٿو ته منھنجي مدد الائي ڪٿان ايندي؟ بيشڪ منھنجي مدد خداوند کان ايندي، جنھن آسمان ۽ زمين کي جوڙيو آھي. ڪاھن ھيئن ٿو چوي ته‎ خداوند تنھنجو اھڙو محافظ آھي، جنھن کي ننڊ جو جھوٽو به ناھي ايندو. اھو تنھنجي پيرن کي ترڪڻ نه ڏيندو. ھائو، اسان بني اسرائيل جي محافظ کي ننڊ ته ڇڏيو پر ننڊ جو جھوٽو به ناھي ايندو. بيشڪ خداوند تنھنجي حفاظت ڪندو. ھو تو مٿان پوريءَ طرح پنھنجي ڇانوَ ڪندو. نه ڏينھن جي وقت سج ۽ نه وري رات جي وقت چنڊ تو کي ڪو ايذاءُ رسائيندا. خداوند تو کي ھر بلا کان محفوظ رکندو، ھائو، ھو تنھنجيءَ جان جي حفاظت ڪندو. خداوند ھر ڪم ۾ ۽ ھر ھنڌ تنھنجي حفاظت ڪندو. ھائو، ھو ھينئر کان ھميشه ھميشه تائين تنھنجي حفاظت ڪندو.“ (زبور 121 : 2-8)