زبور شريف ۾ لکيل آهي:
” خداوند رحيم ۽ ڪريم آھي، ھو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ ٻاجهه سان ڀرپور آھي. ھو قوم کي سدائين ڇينڀيندو ڪين رھندو، نڪي وري ھو پنھنجي غصي کي ھميشه لاءِ جاري رکندو. ھو اسان جي ڪيل گناھن موجب اسان سان ھلت نه ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو. ڇالاءِ جو جيترو آسمان زمين کان مٿي آھي، اوتري ئي انھن تي خداوند جي رحمت جھجھي آھي، جيڪي سندس خوف رکن ٿا. جيترو اڀرندو الھندي کان پري آھي، اوترو ئي ھو اسان جا گناهه اسان کان پري ڪري ٿو.“(زبور103: 8-12).