هڪ دفعي حضرت موسيٰ سينا جبل تي رڍون ۽ ٻڪريون چاريندي هڪ عجيب نظارو ڏٺوته هڪ ٻوڙي ۾ باهه ٻري پئي. پاڻ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ٻوڙو سڙي رک ڇونه ٿو ٿئي. پاڻ هي نظارو ڏسڻ لاءِ ٻوڙي جي ويجهو آيو ته هڪ آواز آيو ته ” ”اي موسيٰ! اي موسيٰ!“ موسيٰ وراڻيو ته ”اِجھو، آءٌ حاضر آھيان. خدا چيس ته ”وڌيڪ ويجھو نه اچ. پنھنجي پيرن مان جتي لاهه، ڇالاءِ جو جنھن جاءِ تي تون بيٺو آھين سا پاڪ زمين آھي. “ (خروج 3: 4-5).
اهڙي طرح هڪ ٻئي موقعي تي رب پاڪ حضرت موسيٰ کي فرمايو: ”بني اسرائيل جي ساريءَ قوم لاءِ ھي حڪم ڏنو ته ”اوھين پاڪ ٿيو، ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوھان جو خدا پاڪ آھيان.“ (لاوي سرشتو 19: 2).
وري ڌڻي تعاليٰ وڌيڪ فرمائي ٿو: ” اوھين منھنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇالاءِ جو آءٌ خداوند پاڪ آھيان. مون اوھان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آھي، انھيءَ لاءِ ته اوھين منھنجا ٿيو.“ (لاوي سرشتو 20: 26).
وري حضرت حبقوق نبي ڌڻي تعاليٰ سان مخاطب ٿي ڪري فرمائي ٿو:
”پر تنھنجون اکيون اھڙيون ته پاڪ آھن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نه ٿيون چاھين.“ (حبقوق 1: 13)