سبق 1 سوالنامو 2

In by Mr. PBCS

هي حقيقت نهايت ئي تعريف جوڳي آهي ته ڪائنات جون سڀ شيون خدا تعاليٰ جي ڪلام سان وجود ۾ آيون. جڏهن اسين هن ڳالھ تي غورڪريون ٿا ته پوري ڪائنات خدا تعاليٰ جي ڪلام سان وجود ۾ آئي ته پوءِ اسين ڌڻي تعاليٰ جي ڪلام جي قدرت ۽ جلوي جي تعريف ڪرڻ بغير رهي نٿا سگهون. ڌڻي تعاليٰ جي حڪم سان شين جو عدم سان وجود ۾ اچڻ هن حقيقت جو اظهار آهي ته ڌڻي تعاليٰ قدرت وارو آهي. ياد رکوته قادرمطلق مان مراد اهڙي هستي آهي جنهن کي هر ڪم تي قدرت حاصل هجي.
توريت شريف ۾ خدا تعاليٰ خود فرمائي ٿو:
” آءٌ قادرِمطلق خدا آھيان.“(پيدائش35 : 11).
زبورشريف ۾ لکيل آهي: ” اي خداوند! تون ئي بادشاهه آھين، تو کي حشمت ۽ قدرت جو لبادو پھريل آھي.ھن جھان کي تو اھڙو مضبوطيءَ سان قائم ڪيو آھي، جو ان کي ڪو لوڏو به اچي نه ٿو سگھي.“(زبور93 :1).
اهڙي طرح زبورشريف ۾ ڌڻي تعاليٰ جي قدرت جي منظر ڪشي هن ريت ڪئي وئي آهي: ” ھو جڏھن ڌرتيءَ ڏانھن نھاري ٿو ته اھا ڏڪيو ٿي وڃي. ھو جڏھن جبلن کي ڇُھي ٿو ته انھن مان به دونھون ٿو نڪري.“(زبور104: 32)
قادر مطلق خدا