دنيا جي سڀ کان پهرئين ڪتاب جنهن ۾ اسان کي خدا تعاليٰ جي شخصيت، قدرت ۽ ڪمن جي باري ۾ معلومات ملي ٿي اهو”توريت شريف“ آهي. هي مقدس صحيفا رب پاڪ حضرت موسيٰ ڪليم الله جي معرفت اسان تائين پهچايا، جيڪو انهن الاهي الهام سان 1300 ق. م ۾ تحرير فرمايو.
توريت شريف پنج ڪتابن (پارن) تي مشتمل آهي. انهن مان پهرئين ڪتاب جو نالو پيدائش آهي، انهي لاءِ ته هن ۾ ڪائنات ۽ ٻين شين جي تخليق جو ذڪر پڻ ملي ٿو. هن مقدس ڪتاب جي شروعات هن طرح سان ٿئي ٿي ته
” شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو. “(پيدائش1:1).
اهڙي طرح اڳين آيتن ۾ دنيا جي تخليق جو احوال مختصرطور بيان ڪيو ويوآهي. توريت شريف جي هن بيان جي مطابق ڌڻي تعاليٰ هن دنيا کي ڇهن ڏينهن ۾ خلق ڪيو. پهرئين ڏينهن ڌڻي تعاليٰ جي حڪم سان روشني وجود ۾ آئي. جيئن پاڪ ڪلام ۾ آهي:
” تڏھن خدا حڪم ڏنو ته ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي. “(پيدائش1: 3).
اهڙي طرح ٻي ڏينهن ڌڻي تعاليٰ جي حڪم سان فضا وجود ۾ آئي. ٽئين ڏينهن زمين خلق ٿي. چوٿين ڏينهن سڄ، چنڊ ۽ تارا وجود ۾ آيا. پنجين ڏينهن پکي ۽ پاڻي جا جانور پيدا ٿيا. ڇهين ڏينهن زمين جا جاندار وجود ۾آيا. ستين ڏينهن ڌڻي تعاليٰ تخليق جي سڄي ڪم کان فارغ ٿيو ۽ انهي ڏينهن کي پاڪ ٺهرايو.
هتي هي ڳالھ به غور طلب آهي ته دنيا جي سڄي تخليق ڌڻي تعاليٰ جي ڪلام (ڪلمي) سان عمل ۾ آئي.
هن حوالي سان توريت شريف ۾ ائين لکيل آهي:
” تڏھن خدا حڪم ڏنو ته ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي.“(پيدائش 3:1)
اهڙي طرح باقي شين جي باري ۾ به ڌڻي تعاليٰ جيڪو جيڪو حڪم ڏنو اهو عمل ۾ ايندو ويو. زبور شريف ۾ لکيل آهي ”خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. ھن جي امر سان آسمانن جي ساري خلقت پيدا ٿي ويئي.“ (زبور33: 6)
توريت، زبور۽ نبين جي صحيفن مان خدا تعاليٰ جي باري ۾سڀ کان پهرين شاهدي اسان کي هي ملي ٿي ته پاڻ هن ڪائنات جا خالق آهن.