سبق 1 سوالنامو 3

In by Mr. PBCS

هيئنر تائين اسين هي سکي چڪا آهيون ته هن ڪائنات جو خالق ڌڻي تعاليٰ آهي، جنهن پنهنجي ڪلام سان سب ڪجھ خلق ڪيو. اسين ائين چئي سگھون ٿا ته حقيقت ۾ هي ڪائنات ڌڻي تعاليٰ جي قدرت جو اظهار آهي انهي لاءِ ته سڀ ڪجھ ڌڻي تعاليٰ جي ڪلام جي وسيلي سان وجود ۾ آيو.
هاڻي اسين هي اهم ڳالھ سکڻ وارا آهيون ته ڌڻي تعاليٰ وحده لاشريڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي.
هن حوالي سان حضرت يسعياه نبي جي معرفت ڌڻي تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ” اي بني اسرائيل وارو! آءٌ اوھان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آھيان. مون ئي اوھان کي خلقيو آھي، بلڪ ھر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آھيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آھيان. “(يسعياه 44: 24).
اهڙي طرح اسين توريت شريف جي پنجين ڪتاب شريعت جو دور ۾ ڌڻي تعاليٰ جو هڪ حڪم جيڪو هن بني اسرائيل کي حضرت موسيٰ جي وسيلي ڏنوهو، هن تي به غور ڪري سگھون ٿا.
حضرت موسيٰ بني اسرائيل سان مخاطب ٿين ٿا:
” اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا ھڪڙو ئي خداوند آھي. سو اوھين خداوند پنھنجي خدا کي پنھنجي ساريءَ دل، پنھنجي سڄيءَ جان ۽ پنھنجي پوري طاقت سان پيار ڪريو.“ (شريعت جو دور 6: 5.4).
ڇالاء جوڌڻي تعاليٰ وحده لاشريڪ آهي انهي لاءِ هن جوسڀني ماڻهن کان هڪڙي ئي تمنا آهي ته هن جي مقابلي ۾ ڪنهن کي نه ته خدا مڃين ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي جي عبادت ۽ حمدوثناء ڪن. توريت شريف جي ٻي ڪتاب خروج ۾ ڌڻي تعاليٰ بني اسرائيل کي هن حوالي سان فرمائي ٿو:
” آءٌ خداوند اوھان جو خدا آھيان، جنھن اوھان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاھر آندو، جتي اوھين غلام ھئا. مون کان سواءِ اوھان جي لاءِ ٻيو ڪوبه معبود نه ھجي. اوھين پنھنجي لاءِ ڪابه تراشيل مورت يا ڪنھن به شيءِ جي صورت نه جوڙيو، جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي ھيٺان پاڻيءَ ۾ آھي. اوھين انھن جي پوڄا نه ڪريو، نڪي جھڪي انھن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوھان جو خدا، غيرت وارو خدا آھيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آھن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙھيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آھيان.“ (خروج20: 2-5)
وري خروج 20: 23 ۾ وڌيڪ فرمايو:
” اوھين پنھنجي لاءِ سون يا چانديءَ جا معبود ٺاھي، انھن کي مون سان گڏ شريڪ نه ڪريو.“